سيد حامد نوبهار شاهه

سيد حامد نوبهار شاهه: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته، ”سيد حامد نوبهار شاهه دراصل سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاهه جو سجاده نشين هو. دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ سخت جنگيون لڳيون. آگسٽ 1726ع ۾ جڏهن محمد مبارڪ خان وفات ڪئي ته ان ئي وقت ميان نور محمد خان فوج وٺي دائودپوٽن تي شڪارپور ۾ حملو ڪيو. دائودپوٽن شڪارپور ۾ ترسڻ مناسب نه سمجهيو ۽ اهي اتان نڪري دٻلي ٻيٽ ۾ اچي رهيا. شڪارپور قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ ميان نور محمد مير شهداد خان ٽالپر کي لشڪر ڏئي دٻلي ٻيٽ تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دٻلي ٻيٽ ۾ جنگ هلندي رهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو گهڻو نقصان ٿيو، آخر اُچ ۾ سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاهه جو سجاده نشين سيد حامد نوبهار شاهه وچ ۾ پيو ۽ جنگ بند ڪرائي دائودپوٽن کي اُچ جي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. سيد حامد نوبهار شاهه سان گڏ اُچ جي گيلاني درگاهه جو سجاده نشين ۽ سيد چراغ شاهه به گڏ هئا.“


لفظ سيد حامد نوبهار شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو